قومي ڪرڪيٽرن جي سينٽرل ڪانٽريڪٽ ۾ دير ٿيڻ جو امڪان

PCB

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي چيئرمين جي چونڊ ۾ قومي ڪرڪيٽرن کي سينٽرل ڪانٽريڪٽ ڏيڻ ۾ دير جو امڪان آهي.

ذريعن موجب پي سي بي چيئرمين جي چونڊ 27 جون تي ٿيندي، جنهن سبب قومي ڪرڪيٽرن کي سينٽرل ڪانٽريڪٽ ڏيڻ ۾ دير ٿي سگهي ٿي.

ذريعن موجب قومي ڪرڪيٽرن جي سينٽرل ڪانٽريڪٽ جو مدو 30 جون تي ختم ٿي رهيو آهي، نئين سينٽرل ڪانٽريڪٽ ۾ به تبديلي ٿي سگهي ٿي.

ذريعن موجب اڳوڻي ڪپتان اظهر علي ريٽائرمينٽ سبب ڪانٽريڪٽ لسٽ مان ٻاهر ٿي ويو آهي، جڏهن ته فواد عالم ۽ ياسر شاهه کي به پنهنجي جاءِ تي برقرار رکڻ مشڪل نظر اچي رهيو آهي.

Read Previous

ورلڊ ڪپ ڪواليفائر: سريلنڪا عمان کي 10 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي

Read Next

پي سي بي چيئرمين جي چونڊ واري معاملي ۾ مونجهاري جو خدشو

Most Popular