اسپيشل اولمپڪس ورلڊ گيمز ۾ پاڪستان جي گولڊ ميڊلز جو انگ 6 ٿي ويو

جرمني ۾ جاري اسپيشل اولمپڪس ورلڊ گيمز ۾ پاڪستان جي عثمان قمر هڪ ٻيو گولڊ ميڊل کٽي ورتو.

گذريل ڏينهن روڊ سائيڪلنگ ۾ گولڊ ميڊل کٽڻ بعد عثمان قمر اڄ ٽائم ٽرائل ۾ گولڊ ميڊل کٽي ورتو.

زينب علي رضا سائيڪلنگ ۾ به گولڊ ميڊل کٽيو، هن وقت تائين ايونٽ ۾ پاڪستان طرفان حاصل ڪيل گولڊ ميڊلن جو انگ 6 ٿي ويو آهي.

عثمان قمر 2 ڪلوميٽر روڊ ريس آف ٽائيم ٽرائل جو فاصلو 7 منٽ 21.59 سيڪنڊن ۾ پورو ڪيو جڏهن ته زينب علي رضا 2 ڪلوميٽر جو فاصلو 6 منٽ 49.29 سيڪنڊن ۾ پورو ڪيو. عثمان قمر ورلڊ گيمز ۾ هن وقت تائين 2 گولڊ ميڊل کٽي چڪو آهي.

ٻئي طرف پاڪستان جي محمد سفير عابد رضوي 25 ڪلوميٽر جو فاصلو 53 منٽ 34.85 سيڪنڊن ۾ پورو ڪري سلور ميڊل کٽي ورتو.

Read Previous

پي سي بي چيئرمين جي چونڊ واري معاملي ۾ مونجهاري جو خدشو

Read Next

قانون جي بار بار تشريح سان تڪرار جنم وٺن ٿا: چيف جسٽس

Most Popular