ن ليگ اڳواڻ امير مقام جي قافلي تي هٿياربندن جي فائرنگ

شانگلا ۾ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ امير مقام جي قافلي تي فائرنگ ڪئي وئي.

مسلم ليگ ن جي اڳواڻ امير مقام ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته مارتونگ وٽ اڻڄاتل ماڻهن منهنجي قافلي تي فائرنگ ڪئي، گارڊز جي جوابي فائرنگ سبب هٿياربند فرار ٿي ويا.

امير مقام چيو ته هو مارتونگ ۾ نادرا آفيس جي افتتاح ۽ ريلي لاءِ وڃي رهيو هو ته 2014ع ۾ به ان ئي هنڌ تي حملي جي ڪوشش ڪئي وئي.

ان حوالي سان پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي کانپوءِ علائقي کي ڪڙو چاڙهي سرچ آپريشن شروع ڪيو ويو آهي.

Read Previous

پاڪستان آءِ ايم ايف جا سمورا شرط پورا ڪري ڇڏيا آهن: اسحاق ڊار

Read Next

نواز شريف پلاٽ الاٽمينٽ ريفرنس ۾ بري ٿي ويو

Most Popular