مفتاح اسماعيل ن ليگ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري جي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

اڳوڻي وفاقي ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل مسلم ليگ ن سنڌ جي جنرل سيڪريٽري جي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي.

مفتاح اسماعيل مسلم ليگ ن جي سيڪريٽري جنرل احسن اقبال کي خط لکي استعيفيٰ کان آگاهه ڪيو.

ذريعن موجب مفتاح اسماعيل ن ليگ جي سمورن پارٽي ڪميٽين تان استعيفيٰ جو اعلان پڻ ڪيو آهي.

ان حوالي سان مفتاح اسماعيل جو چوڻ آهي ته هو چونڊ سياست ۾ سرگرم نه ٿيندو.

هن چيو ته ذميواريون ڏيڻ تي نه رڳو پارٽي قيادت پر حڪومت جو به ٿورائتو آهيان

Read Previous

نواز شريف پلاٽ الاٽمينٽ ريفرنس ۾ بري ٿي ويو

Read Next

آءِ ايم ايف ۽ پاڪستان حتمي معاهدي جي ويجهو پهچي ويا

Most Popular