ڪنڌڪوٽ ۾ ڌاريلن هٿان اغوا ٿيل خانگي ڪمپني جي ٽن ملازمن جي وڊيو جاري

ڪنڌڪوٽ: ڌاريلن پاران مھينو اڳ اغوا ڪيل خانگي ڪمپني جي 3 ملازمن جي وڊيو جاري ڪئي وئي آهي، ڌاڙيلن مھينو اڳ اغوا ڪيل خانگي ڪمپني جي 3 ملازمن مظھر، شفيق ۽ جمشيد جي وڊيو جاري ڪئي ڪئي وئي

ڌاڙيلن 3 ئي مغوين جو زنجيرن سان ٻڌل ھڪ ويڊيو سوشل ميڊيا تي اپلوڊ ڪري ڇڏي آهي، وڊيو ۾ 3 ئي ملازم زنجيرن سان جڪڙيل آھن، جن تي ڏوھاري تشدد ڪري رھيا آھن

ڌاڙيلن پاران جاري وڊيو ۾ ملازم خانگي ڪمپني ۽ انتظاميا کي بازياب ڪرائڻ لا اپيل ڪري رھيا آھن

مغوين جو چوڻ آهي ته ھٿ ٻڌي ٿا چئون ته بکون پيا ڪاٽيون، تشدد ڪيو ٿو وڃي، مھرباني ڪري اسان کي بازياب ڪرايو

Read Previous

نااهلي جي وڌ کان وڌ سزا 5 سال مقرر ڪرڻ وارو بل منظور

Read Next

دوڙ ويجهو خوفناڪ روڊ حادثو، 6 مسافر فوت، 50 ڄڻا زخمي

Most Popular