بلوچستان ڪابينا پاران سمورن هاءِ ويز تان سيڪيورٽي چوڪيون هٽائڻ جو حڪم

بلوچستان ڪابينا صوبي جي سمورن هاءِ ويز تان سيڪيورٽي چوڪيون هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو جي سربراهيءَ ۾ ڪابينا جي اجلاس دوران فيصلي جي منظوري ڏني وئي، ڪابينا پاران سمورن وفاقي توڙي صوبائي ادارن کي هاءِ ويز تان چوڪيون هٽائڻ جي هدايت‏ ڪئي وئي

صوبائي ڪابينا پنهنجي هدايتن ۾ چيو آهي ته آئنده ڪو به ادارو بلوچستان سرڪار جي اجازت کانسواءِ چوڪيون قائم نه ڪندو، ڪابينا جي اجلاس ۾ امن امان جي صورتحال جو جائزو به ورتو ويو

چوڪين واري معاملي تي بحث دوران چيو ويو ته چوڪين تي بسن ۽ گاڏين ۾ سوار عورتن، ٻارن، مريضن ۽ پيرسن ماڻهن کي ڪلاڪن جا ڪلاڪ روڪيو وڃي ٿو

صوبائي ڪابينا پاران چيو ويو ته ڪنهن کي به شهرين کي هيسائڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، شهرين جي عزت ۽ احترام يقيني بڻائڻ لاءِ سمورا قدم کنيا ويندا

Read Previous

دوڙ ويجهو خوفناڪ روڊ حادثو، 6 مسافر فوت، 50 ڄڻا زخمي

Read Next

ملڪ کي ڊيفالٽ ڪندڙ اڄ اسحاق ڊار کان استعيفيٰ گهري رهيا آهن: مريم اورنگزيب

Most Popular