سپريم ڪورٽ فوجي حراست ۾ 102 ماڻهن جا مڪمل تفصيل فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ آف پاڪستان اٽارني جنرل کي فوجي حراست ۾ 102 ماڻهن جا مڪمل تفصيل فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 6 رڪني لارجر بينچ فوجي عدالتن ۾ شهرين جي ٽرائل خلاف درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي.

بينچ ۾ جسٽس اعجاز الاحسن، جسٽس يحيٰ آفريدي، جسٽس منيب اختر، جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي ۽ جسٽس عائشه ملڪ شامل آهن.

سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس چيو آهي ته ڇا وزيراعظم کان پڇون ته ڪنهن جي رشتيداري جي بنياد تي اعتراض ڇو ڪيو ويو؟ جسٽس منصور علي شاهه ڏاڍو حساس آهي.

چيف جسٽس جو چوڻ هو ته جسٽس منصور اهو انسان نه آهي جو سندس رشتيداري فيصلي تي اثر انداز ٿئي، سپريم ڪورٽ کي داغدار نه ڪيو، تضحيڪ نه ڪيو.

چيف جسٽس عمر عطا بنديال اٽارني جنرل سان ڳالهائيندي سوال ڪيو ته جسٽس منصور تي اعتراض جانبداري جي بنياد تي ٿا واريو يا مفادن جي ٽڪراءَ جي بنياد تي؟ اٽارني جنرل چيو ته وفاقي حڪومت جسٽس منصور تي مفادن جي ٽڪراءَ جي بنياد تي اعتراض واريو آهي.

چيف جسٽس چيو ته هي ججز تي اعتراض وارڻ واري سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي، بنيادي حقن جي معاملي کي نظر انداز نه ٿو ڪري سگهجي، پارليامينٽ ۾ اسان کي لائيڪ مائينڊڊ ججز جي نالي سان سڏيو ويو، حڪومت ڪرڻ ڇا ٿي چاهي؟

اسان ته چونڊن واري ڪيس ۾ توهين عدالت جي ڪارروائي کان پاسو ڪيو، هاڻي اسان سمجهون ٿا ته وقت هڪ وک پوئتي هٽڻ جو آهي، حق ۽ سچ جي اخلاقي ذميواري هن عدالت جي آهي.

چيف جسٽس رمارڪس ۾ چيو ته جنهن جج تي اعتراض ڪيو ويو ان جي اهليت تي ڪنهن کي به شڪ نه آهي، اليڪشن واري ڪيس ۾ 90 ڏينهن تي ڪنهن اعتراض نه ڪيو، بس بينچ تي اعتراض ڪيو ويو.

Read Previous

9 مئي سانحو؛ ليفٽيننٽ جنرل سميت ٽن اعليٰ فوجي آفيسرن کي فارغ ڪيو ويو: ڊي جي آءِ ايس پي آر

Read Next

پي ٽي آءِ صدر چوڌري پرويز الاهي ٻيهر گرفتار

Most Popular