نواز شريف، مريم سميت دبئي کان سعودي عرب پهچي ويو

اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف دبئي کان سعودي عرب پهچي ويو، ن ليگ جي سينيئر نائب صدر۽ پارٽي آرگنائيزر مريم نواز به ساڻس گڏ آهي، ذريعن موجب شريف خاندان ٻه هفتا سعودي عرب ۾ ترسندو، نواز شريف ۽ مريم نواز ڪجهه ڏينهن ۾ عمرو به ادا ڪندا

سعودي عرب ۾ نواز شريف شاهي خاندان سميت اهم شخصيتن سان ملاقات ڪندو، پرڏيهي سيڙپڪارن جا ڪيترائي وفد به نواز شريف سان ملاقات ڪندا

ذريعن موجب ن ليگ سربراهه نواز شريف جي وطن واپسيءَ جي تاريخ جو فيصلو سعودي عرب ۾ ٿيندو ۽ نواز شريف جي وطن واپسي تي شاندار استقبال ڪيو ويندو

ن ليگ اڳواڻ شاهد خاقن عباسي به تصديق ڪئي آهي ته نواز شريف اليڪشن کان اڳ وطن واپس اچي ويندو، ملڪي معيشت جي بهتري لاءِ سعودي عرب ۽ امارات سان سيڙپڪاري ٿيڻ جو امڪان آهي، ذريعن موجب سعودي عرب ۾ نواز شريف پنهنجي فيملي ميمبرز سان گڏ سرور پيلس ۾ ترسندو.

Read Previous

پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف توشا خانا ڪيس نه ٻڌڻ جوڳو قرار

Read Next

آءِ ايم ايف سان معاهدي کان پوءِ ڊالر وڌيڪ 10 رپيا سستو ٿي ويو

Most Popular