وڏي وزير جي اسپيشل اولمپڪس ۾ حصو وٺندڙ سنڌ جي 36 رانديگرن سان ملاقات

ڪراچي: سنڌ جَي وڏي وزير مراد علي شاهه برلن ۾ ٿيل اسپيشل اولپمڪس ۾ حصو وٺندڙ سنڌ جي 36 رانديگرن سان ملاقات ڪئي

وڏي وزير جي ترجمان موجب، اسپيشل اولمپڪس جا رانديگر گرين شرٽس پهريل هئا، مراد علي شاهه رانديگرن سان هٿ ملايو ۽ حوصلا افزائي ڪئي، جڏهن ته رانديگرن جي وفد جي سربراهي اسپيشل اولمپڪس ڪوچ ارم، قمر بينش جاويد ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا

وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته اسپيشل اولمپڪس جي رانديگرن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ضروري قدم کڻنداسين، جڏهن ته وڏي وزير کي آگاهي ڏني وئي ته برلن اسپيشل اولمپڪس ۾ پاڪستان 11 مختلف راندين ۾ حصو ورتو، جن ۾ ايٿليٽڪس، بيڊمنٽن، باسڪٽ بال، هاڪي، ٽيبل ٽينس ۽ ٻيون رانديون شامل آهن

اسپيشل اولمپڪس ۾ پاڪستان جي ٽيم 10 گولڊ ميڊلز، 29 سلور ميڊلز ۽ 40 ڪنجهو جا ميڊل حاصل ڪيا.

Read Previous

نيپرا مهانگائي ستايل عوام مٿان بجلي ڪيرائي ڇڏي

Read Next

ڀارتي پروڊيوسر ننڍن ملازمن کي معاوضو ادا نه ٿا ڪن؟: اميشا پٽيل

Most Popular