شاهوڪار ڌرتي جا وارث هڪ ويلي جي ماني جي لاءِ پريشان آهن، قادر مگسي

حيدرآباد: سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي ڪميٽي جو اجلاس ڊاڪٽر قادر مگسي جي صدارت هيٺ ٿي گذريو. اجلاس کي خطاب ڪندي سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته ملڪ جو سياسي ۽ معاشي طور استحڪام ملڪ جي سمورن صوبن کي برابري جي بنياد حق ڏيڻ سان آهي. سنڌ کي قدرت انيڪ نعمتن سان مالا مال ڪيو آهي پر افسوس جو ان شاهوڪار ڌرتي جا وارث هڪ ويلي جي ماني جي لاءِ پريشان آهن. بک بيروزگاري ۽ بدحالي سبب مسڪين پورهيت ماڻهن جو جيئڻ جنجال بڻجي چڪو آهي.

ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته سنڌ اندر مختلف پراجيڪٽ ۾ مقامي ماڻهن کي روزگار ڏيڻ جو شرط لڳايو وڃي ۽ سنڌ جي آمدني کي سنڌ جي بنيادي سهولتن تي خرچ ڪيو وڃي ته جئين عام ماڻهن کي روزگار سان گڏ صحت، پيئڻ جو صاف پاڻي، تعليم ۽ ٻين بنيادي ضرورتن کي پورو ڪيو وڃي. سنڌ اندر جيڪا هن وقت بک بدحالي بيروزگاري، بدامني ۽ منشيات جو ڪاروبار ٿي رهيو آهي ان ۾ پ پ پ جو اهم ڪردار آهي جيڪا مسلسل سنڌي ماڻهن جي ووٽ تي اقتدار ۾ ايندي رهي آهي پر ان سواءِ ڪرپشن، لُٽ مار ۽ سنڌ دشمن فيصلن جي ٻيو ڪجهه ناهي ڏنو.

ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته سنڌ ۾ ڌارين آبادڪاري کي هڪ منظم سازش تحت آباد ڪيو پيو وڃي. افغان پناهگيرن کي مدو پورو ٿيڻ جي باوجود سندن وطن واپس نه موڪليو پيو وڃي. افغانستان جون حالتون هاڻ بهتر ٿي چڪيون آهن هاڻي افغان پناهگيرن کي واپس پنهنجي وطن افغانستان موڪليو وڃي. ايندڙ اليڪشن۾ سڄي سنڌ اندر پ پ پ سان پورھيت طبقي ۽ سنڌ دوست ڌرين سان گڏجي مقابلو ڪنداسين ۽ پ پ پ کي سنڌ ۾ ٽف ٽائيم ڏنو ويندو.

ايس ٽي پي چيئرمين چيو ته سنڌ جي ماڻهن کي هاڻي سجاڳ ٿيڻ گهرجي ۽ سنڌ جي دوست ۽ دشمن جو تعين ڪري پنهنجي ووٽ جو صحيح استعمال ڪرڻ گهرجي. اجلاس ۾ ايس ٽي پي جي مرڪزي اڳواڻ حيدر ملاح، ڊاڪٽر سومار مڱريو، عاشق سولنگي، امتياز سمون، نثار ڪيريو، ڊاڪٽر عبدالحميد ميمڻ، هوت خان گاڏهي، ڊاڪٽر احمد نوناري، ڄام شوڪت ابڙو، گوتم چنا، ڊاڪٽر مظهر ميمڻ، اعجاز سنڌي ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

Read Previous

خطي ۾ جٽادار امن شنگهائي تعاون تنظيم ميمبر ملڪن جي ذميواري آهي: وزيراعظم

Read Next

شهدادپور ۾ ڏيڍ مهينو اڳ هرکجي اغوا ڪيل نوجوان تي تشدد جي وڊيو وائرل

Most Popular