توشا خانه ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جي ڇوٽ واري درخواست منظور

توشه خانه ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جي حاضريءَ کان هڪ ڏينهن جي ڇوٽ واري درخواست منظور، ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج همايون دلاور توشه خانه ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين کي اڄ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو هو.

پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڪيل بيرسٽر گوهر عدالت ۾ پيش ٿي ساٿي وڪيل خواجا حارث جي مصروفيت سبب حاضريءَ کان ڇوٽ جي استدعا ڪئي،

اليڪشن ڪميشن جي وڪيل امجد پرويز مخالفت ڪندي چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين عدالت جو وقت ضايع ڪري رهيو آهي، ڄاڻي واڻي ڪيس جي ڪارروائي کي ڊلي ڪيو پيو وڃي، عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.

Read Previous

بي آءِ ايس پي ۾ هلندڙ سال وڌيڪ بهتري آندي وئي آهي، وزيراعظم

Read Next

جسٽس مسرت هلالي سپريم ڪورٽ جي جج طور حلف کڻي ورتو

Most Popular