جسٽس مسرت هلالي سپريم ڪورٽ جي جج طور حلف کڻي ورتو

اسلام آباد: جسٽس مسرت هلالي سپريم ڪورٽ جي جج طور حلف کڻي ورتو آهي، جنهن بعد هوءَ سپريم ڪورٽ جي ٻي عورت جج بڻجي وئي.

جسٽس مسرت هلالي کي پشاور هاءِ ڪورٽ جي پهرين چيف جسٽس هئڻ جو اعزاز به حاصل آهي.

چيف جسٽس عمر عطا بنديال جسٽس مسرت هلالي کي سپريم ڪورٽ جي جج جو حلف کڻايو.

مسرت هلالي جي حلف کڻڻ سان سپريم ڪورٽ جي ججز جو انگ 16 ٿي ويو.

حلف برداري جي تقريب ۾ اٽارني جنرل منصور عثمان، لا آفيسر ۽ وڪيل به شريڪ ٿيا.

Read Previous

توشا خانه ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جي ڇوٽ واري درخواست منظور

Read Next

سنڌ جي مختلف علائقن ۾ برسات، ٿر ۾ وڄ ڪرڻ سبب سوين ڍور مري ويا

Most Popular