سنڌ جي مختلف علائقن ۾ برسات، ٿر ۾ وڄ ڪرڻ سبب سوين ڍور مري ويا

سنڌ ۾ چوماسي جا وسڪارا شروع ٿي ويا، مختلف شهرن ۾ حادثا ۽ واقعا پيش آيا، وڄ ڪرڻ سبب 239 ڍور مري ويا، هڪ شخص زخمي ٿي پيو.

ڪوٽ غلام محمد، ڀان سيد آباد، پٿورو، ملڪاڻي شريف، بودر فارم ۽ ٻين علائقن ۾ ڪٿي هلڪي ته ڪٿي تيز برسات پئي، چيلهار جي ڳوٺ ڀوريلو ۾ رات دير سان وسڪاري دوران وڄ ڪرڻ سبب 27 ٻڪريون مري ويون.

ٿر ۾ وڄ ڪرڻ جي ڪري 212 ٻڪريون، ڍڳيون، اٺ مري ويا ۽ هڪ ماڻهو به زخمي ٿي پيا، ڳوٺ لونڍار ۾ 5 ٻڪريون، ڳوٺ ڦلاڻو ۾ 29 ٻڪر، ڳوٺ ٽاهو مجن ۾ 8 ٻڪريون، ڳوٺ ڍليان ڇهو ۾ 3 ٻڪريون مري ويون، اميت ولد چندو زخمي ٿي پيو جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ڪراچي، حيدرآباد، سکر، جيڪب آباد ۽ گهوٽڪي ۾ تيز برسات جا امڪان آهن، لاڙڪاڻو، ٿرپارڪر، ميرپور خاص، سانگهڙ ۽ بدين ۾ به ڪٿي هلڪي ته ڪٿي تيز برسات پوندي.

ڪراچي ۾ تيز هوائن سان برسات جي امڪان سبب سول ايويئيشن اٿارٽي جا هنگامي اپاءَ ورتا پيا وڃن، هلڪي وزن جي جهازن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

Read Previous

جسٽس مسرت هلالي سپريم ڪورٽ جي جج طور حلف کڻي ورتو

Read Next

بشريٰ بي بي سپريم ڪورٽ ۾ پنهنجو حلفي بيان جمع ڪرائي ڇڏيو

Most Popular