شهدادڪوٽ ويجهو سيف الله مگسي ڪئنال کي ٻه گهارا، فصل پاڻي هيٺ اچي ويا

شهدادڪوٽ ويجهو سيف الله مگسي ڪئنال کي ٻن هنڌن تان گهارا پوڻ سبب فصل پاڻي هيٺ اچي ويا.

سيف الله مگسي ڪئنال کي آرڊي 7 ۽ آرڊي 11 وٽان 2 وڏا گهارا پئجي ويا، آبپاشي عملو نه پهتو.

گهارا لڳڻ ڪري سوين ايڪڙن تي تازو پوکيل ساريالو ٻڏي ويو، پاڻي مختلف ڳوٺن ڏانهن وڌڻ لڳو آهي.

رهواسين جو چوڻ آهي ته گهارن سبب سوين ايڪڙن تي پوکيل ساريالو فصل ٻڏي ويو، لکين رپين جو نقصان ٿيو آهي.

Read Previous

شاهه محمود قريشي وڌيڪ ٽن ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي ايف آءِ اي حوالي

Read Next

لاڙڪاڻي واسي ناري ۽ نوجوان ڪراچي ۾ قتل، پيءُ پٽ گرفتار

Most Popular