لاڏلي جي سزا معطل ٿي آهي ختم ناهي ٿي: شهباز شريف

اڳوڻي وزيراعظم شهباز شريف پي ٽي آءِ چيئرمين جي سزا معطل ٿيڻ تي ردعمل ۾ چيو آهي ته لاڏلي جي سزا معطل ٿي آهي ختم نه ٿي آهي، گڊ ٽو سي يو ۽ وش يو گڊ لڪ جو پيغام هاءِ ڪورٽ تائين پهچي ويو، اعليٰ عدليه مان واضح پيغام ملي ته پوءِ ماتحت عدليه ٻيو ڇا ڪندي؟

پنهنجي ٽويٽ ۾ شهباز شريف چيو ته عدل جي نظام جو هي ڪردار تاريخ جي ڪاري باب ۾ لکيو ويندو

هن چيو ته هڪ پاسي جهڪيل تارازي ۽ انصاف کي مجروح ڪندڙ عدل وارو نظام قبول ڪرڻ جوڳو نه آهي، گهڙي کپائيندڙ جي آڏو قانون بي وس آهي

شهباز شريف چيو ته 9مئي، جڊيشل ڪامپليڪس تي حملو ۽ پوليس تي پيٽرول بمن جي برسات سڀ معاف ٿي ويا، چور ۽ رياستي دهشتگرد جي سهولتڪاري ٿيندي ته پوءِ عام ماڻهوءَ کي انصاف ڪٿان ملندو

Read Previous

توشه خانه تحفن جي نيلامي واري ڪيس ۾ بشريٰ بي بي جي حفاظتي ضمانت منظور

Read Next

ايمان مزاري ٽن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي

Most Popular