ساگر کي 24 ڪلاڪن ۾ ڇڏائڻ جي خاطري تي تاريخي ڌرڻو ختم، 65 شهرن ۾ مظاهرا، ريليون

ڪراچي: ڪشمور ھندو پنچائت ۽ ايس ايس پي امجد شيخ ۾ ڳالهيون ڪامياب ٿيڻ مغوي ساگر ڪمار 24 ڪلاڪن اندر بازياب ڪرائڻ جي خاطري تي ھندو پنچائت ڌرڻو ختم ڪري ڇڏيو.

ڪشمور ھندو پنچائت ۽ ايس ايس پي امجد شيخ ۾ ڳالهيون ڪامياب ٿيڻ بعد سنڌ پنجاب بلوچستان دنگ ڊيرا موڙ وٽ لڳل ڌرڻو ختم ڪيو ويو.

ڳالهين ۾ ايس ايس پي مغوي ساگر ڪمار کي 24 ڪلاڪن اندر بازياب ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي، جنهن بعد ھندو پنچائت ڌرڻو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو، ڌرڻو ختم ٿيڻ بعد ڊيرا موڙ وٽان انڊس هاءِ وي روڊ تي ٽريفڪ بحال ٿي وئي.

هندو پنچائت اڳواڻن ۽ ايس ايس پي وچ ۾ ٿيل ڳالهين ۾ ڪنڌڪوٽ واسڻ نازيا کوسو، سندس نياڻي ڪوثر کوسو ۽ بخشاپور واسي ظھير خالدي جي بازيابي بابت ڪا به ڳالهه ٻولهه نه ڪئي وئي، مغوين جي وارثن ايس ايس پي امجد شيخ آڏو سخت احتجاج رڪارڊ ڪرايو ۽ پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي.

ڌرڻي ۾موجود قومپرست اڳواڻن زين شاهه، صنعان خان قريشي ، پنهل ساريو، عائشا ڌاريجو، ميان عبدالحسيب قادري ۽ ٻين ھندو پنچائت جي ڌرڻي ختم ڪرڻ واري اعلان تي چيو ته ڪشمور واسين ۽ سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن طرفان اظهار يڪجھتي طور ڌرڻي ۾ شرڪت ڪئي.

Read Previous

اولمپڪ گيمز ۾ ڪرڪيٽ کي شامل ڪرڻ يا نه ڪرڻ بابت فيصلو 8 سيپٽمبر تي متوقع

Read Next

امجد شيخ جا ڪنڌڪوٽ ڌرڻو ختم ڪرائڻ ۾ ناڪامي بعد مظاهرين تي سنگين الزام

Most Popular