امجد شيخ جا ڪنڌڪوٽ ڌرڻو ختم ڪرائڻ ۾ ناڪامي بعد مظاهرين تي سنگين الزام

ايس ايس پي امجد شيخ پاران ڪنڌڪوٽ وارو ڌرڻو ختم ڪرائڻ ۾ ناڪامي بعد ڌرڻوهڻندڙن تي سنگين الزام هنيا ويا آهن

ايس ايس پي امجد شيخ ڌرڻي ۾ پهچي سنڌ بار ڪائونسل جي اڳواڻ عبدالغني بجاراڻي سان ڳالهيون ڪيون

ايس ايس پي امجد شيخ چيو ته هن ڌرڻي ۾ منهنجا مخالف ويٺل آهن، ڪشمور واري ڌرڻي ۾ اغوائن ۾ ملوث ماڻهو به ويٺل هئا

وڪيل اڳواڻ عبدالغني بجاراڻي چيو ته توهان جي ٽيم جا ماڻهو ڌاڙيلن سان سڌو رابطي ۾ آهن، جڏهن دل چوين ٿي هڪ اڌ مغوي ڪڍي ڏين ٿا، 2 وڏيرا پڪڙيو ته سمورا مغوي بازياب ٿي ويندا

مظاهرين ايس ايس پي امجد شيخ کي ڌرڻو ختم ڪرڻ کان کتو جواب ڏئي ڇڏيو

مظاهرين ايس ايس پي جي الزامن تي اچرج ظاهر ڪندي چيو آهي ته امجد شيخ کي اغوا ۾ ملوث ماڻهن جي خبر هئي ته پوءِ هنن جي خلاف ڪارروائي ڇو نه ڪئي؟

Read Previous

ساگر کي 24 ڪلاڪن ۾ ڇڏائڻ جي خاطري تي تاريخي ڌرڻو ختم، 65 شهرن ۾ مظاهرا، ريليون

Read Next

پاڪستان دهشتگردي ۽ پرڏيهي جارحيت جهڙن سيڪيورٽي چئلينجز کي منهن ڏئي رهيو آهي:وزيراعظم

Most Popular