پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر حارث رئوف ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ 50 وڪيٽون مڪمل ڪري ورتيون.
حارث رئوف 27هين ون ڊي ميچ ۾ 50 وڪيٽون مڪمل ڪري ورتيون.
بنگلاديش جو محمد نعيم حارث رئوف جو 50 هين شڪار بڻجي ويو.
واضح رهي ته ايشيا ڪپ جي سپر فور مرحلي جي پهرين ميچ ۾ بنگلاديش پاڪستان خلاف ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو هو.