افغانستان ۾ جنگي سامان اسان نه پر افغان فورسز ڇڏيا، آمريڪا

آمريڪا چيو آهي ته جنگي سامان آمريڪا نه پر افغانستان ۾ افغان سڪيورٽي فورسز طرفان ڇڏيو ويو آهي.

آمريڪي نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل جي ترجمان جان ڪربي پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته آمريڪا افغانستان ۾ دهشتگردن لاءِ ڪو به فوجي سامان نه ڇڏيو آهي.

هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان کي درپيش سڪيورٽي خطرن تي گڏجي ڪم ڪندا، صدر بائيڊن سمجهن ٿا ته پاڪستان هن وقت ڪيترن ئي خطرن کي منهن ڏئي رهيو آهي.

جان ڪربي چيو ته صدر بائيڊن پاڪستان سان تعاون جاري رکڻ لاءِ پرعزم آهي، پاڪستان ۽ ڀارت کي ڪشمير سميت سمورن معاملن تي ڳالهيون ڪرڻ گهرجن.

Read Previous

لنڊن: آفيشل سيڪريٽس ايڪٽ جي ڏوهن ۾ ملوث اڳوڻو فوجي اهلڪار جيل مان فرار

Read Next

2 پاڪستاني رانديگرن کي پليئر آف دي منٿ نامزد ڪيو ويو

Most Popular