اوچتو ڌرڻو ختم ٿيڻ تي علي گل کهڙو جي امڙ روئي ويٺي: پريا ڪماري جي بازيابي جي ڪا به خاطري نه ڪرائي وئي

ڪنڌڪوٽ جي ختم ڪيل ڌرڻي ۾ پريا ڪماري ۽ شڪارپور واسي نوجوان علي گل کهڙو جي بازيابي جي ڪا به خاطري نه ڪرائي وئي

اوچتو ڌرڻو ختم ٿيڻ تي علي گل کهڙو جي امڙ روئي ويٺي، رات دير سان محمداڻي برادري جا 2 مغوي مشتاق ۽ مراد بازياب ڪرائي ڌرڻي ۾ آندا ويا، ٻن مغوين جي بازيابيءَ بعد ڪمشنر لاڙڪاڻو ۽ ڊي سي ڪشمور ڌرڻي واري هنڌ پهچي وڪيل اڳواڻ عبدالغني بجاراڻي ۽ ٻين سان ڳالهيون ڪيون

مغوي ساگر ڪمار، نازيا ۽ ڪوثر کوسو کي 24 ڪلاڪن اندر بازياب ڪرائڻ جي خاطري تي ڌرڻو ختم ڪيو ويو، معصوم ٻارڙي پريا ڪماري کي 2 سال اڳ روهڙي جي سنگرار واري علائقي مان ماتمي جلوس جي سبيل ورهائڻ وقت اغوا ڪيو ويو هو

Read Previous

حيدرآباد ۾ ناري ۽ معصوم ڌيءَ جا لاش والد جي گهر مان هٿ

Read Next

سنڌ ۾ مهانگائي خلاف ۽ مغوين جي بازيابي لاءِ مختلف شهرن ۾ شٽربند هڙتال ۽ مظاهرا

Most Popular