سنڌ ۾ سينئر پوليس آفيسرن جو بحران: هڪ ايڊيشنل آءِ جي کي 4 عهدن جون ذميواريون ڏنيون ويون

ڪراچي: سنڌ ۾ نئين مقرر ٿيل آءِ جي پوليس رفعت مختار راجه کان سينئر آفيسرن جي ناراضگي لاڳيتو برقرار آهي. آءِ جي سنڌ جي مقرري کان پوءِ ڪيترائي پوليس آفيسر موڪل تي روانا ٿي ويا آهن جنهن کان پوءِ صوبي ۾ گريڊ 20 ۽ 21 جي آفيسرن جي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي.

صوبي جي پوليس جو نظام هلائڻ جي لاءِ آءِ جي سنڌ ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي خادم حسين رند کي وڌيڪ 3 ايڊيشنل آءِ جيز جي عهدن جون ذميواريون ڏئي ڇڏيون آهن. آءِ جي سنڌ رفعت مختار ان حوالي سان حڪم به جاري ڪري ڇڏيا آهن جنهن جي تحت گريڊ 21 جي عمران يعقوب منهاس جي موڪل تي وڃڻ سبب خالي ٿيل ٻن عهدن جي چارج خادم حسين رند جي حوالي ڪئي وئي آهي.

پوليس چيف ڪراچي خادم حسين هاڻ ايڊيشنل آءِ جي سي ٽي ڊي ۽ ايڊيشنل آءِ جي اسٽيبلشمينٽ سنڌ جون به ذميواريون نڀائيندو. هن وٽ ايڊيشنل آءِ جي اسپيشل برانچ جي به ذميواري هوندي.

جاري ڪيل آرڊر موجب ڊي آءِ جي ٽريننگ فيضل الله ڪوريجو، ڊي آءِ جي آءِ ٽي جي چارج به سنڀاليندو. جڏهن ته ڊي آءِ جي هيڊ ڪوارٽر محمد زبير دريشڪ، ڊي آءِ جي فنانس ۽ ڊي آءِ جي اسٽيبلشمينٽ جون اضافي ذميواريون به سنڀاليندو. ايڊيشنل آءِ جي ٽريننگ عبدالقادر قيوم، ايڊيشنل آءِ جي آپريشن ۽ ايڊيشنل آءِ جي انويسٽيگيشن سنڌ جي به اضافي چارج سنڀاليندو.

Read Previous

ڪوئٽه ۾ ضلعي انتظاميه جو گودام تي ڇاپو، کنڊ ۽ يوريا ڀاڻ جون هزارين ٻوريون هٿ

Read Next

سنڌ زرعي يونيورسٽي انتظاميا جي نااهلي: پي ايڇ ڊي ڪندڙ اميدوارن جو مستقبل داءُ تي لڳل

Most Popular