سنڌ زرعي يونيورسٽي انتظاميا جي نااهلي: پي ايڇ ڊي ڪندڙ اميدوارن جو مستقبل داءُ تي لڳل

ٽنڊو ڄام: سنڌ زرعي يونيورسٽي انتظاميا جي نااھلي سبب انفارميشن ٽيڪنالاجي ۾ پي ايڇ ڊي ڪندڙ اميدوارن جو مستقبل داءُ تي لڳي ويو آهي.

سنڌ زرعي يونيورسٽي ۾ مختلف شعبن اندر پي ايڇ ڊي ڪرڻ لاءِ ايندڙ اميدوارن کان 23 آگسٽ 2023ع تي انٽري ٽيسٽ ورتي وئي، انفارميشن ٽيڪنالاجي کانسواءِ ٻين شعبن جا نتيجا 28 آگسٽ تي جاري ڪيا ويا، پر ايڊوانس ريسرچ اسٽيڊي جي ڊائريڪٽر مبين لوڌي جي عدم دلچسپي سبب آئي ٽي جا نتيجا هن وقت تائين جاري نه ٿي سگهيا آهن، جنهنڪري آئي ٽي ۾ پي ايڇ ڊي ڪرڻ جا اميدوار سخت پريشاني ۽ مايوسي جا شڪار ٿي ويا آهن.

ان حوالي سان ٽيسٽ ڏيندڙ اميدوارن چيو آهي ته اسان کان 23 آگسٽ تي انٽري ٽيسٽ ورتي وئي، ٻين شعبن جا نتيجا 28 آگسٽ تي جاري ٿي چڪا آهن پر ايڊوانس ريسرچ اسٽيڊي جو ڊائريڪٽر مبين لوڌي ڄاڻي واڻي انفارميشن ٽيڪنالاجي جا نتيجا اڃا تائين جاري نه پيو ڪرائي، جنهنڪري سخت پريشان آهيون.

هنن چيو ته انفارميشن ٽيڪنالاجي ۾ پي ايڇ ڊي ڪرڻ لاءِ سنڌ زرعي يونيورسٽي ۾ پهريون ڀيرو انٽري ٽيسٽ ورتي وئي، جنهن جا نتيجا جاري نه ڪري نه رڳي اميدوارن کي پريشان ڪيو پيو وڃي پر يونيورسٽي جي ساک کي متاثر ڪرڻ جي پڻ سازش ڪئي پئي وڃي، جنهن جو وائيس چانسلر کي نوٽيس وٺڻ گهرجي ۽ ترت نتيجا جاري ڪري پريشاني ختم ڪئي وڃي.

Read Previous

سنڌ ۾ سينئر پوليس آفيسرن جو بحران: هڪ ايڊيشنل آءِ جي کي 4 عهدن جون ذميواريون ڏنيون ويون

Read Next

ملڪ بحران جو شڪار آهي، سياست بجاءِ معيشت جي فڪر ڪرڻ گهرجي: آصف زرداري

Most Popular