ملڪ بحران جو شڪار آهي، سياست بجاءِ معيشت جي فڪر ڪرڻ گهرجي: آصف زرداري

ڪراچي: پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري چيو آهي ته ملڪ بحران جو شڪار آهي، سياست جي بجاءِ معيشت جي فڪر ڪرڻ گهرجي.

اڳوڻي صدر پنهنجي بيان ۾ چيو ته اليڪشن ڪميشن آئين موجب چونڊون منعقد ڪرائيندي. آدمشماري کان پوءِ اليڪشن ڪميشن نيون تڪ بنديون ڪرائڻ جو پابند آهي. چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ سمورن ميمبرن تي اسان جو پورو ڀروسو آهي.

هن چيو ته نگران حڪومت ايس آءِ ايف سي جي منصوبن کي جلد کان جلد مڪمل ڪري ملڪ کي ترقي جي رستي تي آڻي. اڳوڻي صدر چيو ته ملڪ هن وقت هڪ معاشي بحران مان گذري رهيو آهي. جنهن جي لاءِ اسان سڀني کي سياست جي بجاءِ معيشت جي فڪر پهريان ڪرڻ گهرجي. ملڪ آهي ته اسان سڀ آهيون.

Read Previous

سنڌ زرعي يونيورسٽي انتظاميا جي نااهلي: پي ايڇ ڊي ڪندڙ اميدوارن جو مستقبل داءُ تي لڳل

Read Next

مراڪش ۾ زلزلي تباهي مچائي ڇڏي، 300 کان وڌيڪ فوت، سوين زخمي

Most Popular