فرانس، اسڪولن ۾ عبايا تي پابندي، مذهبي آزادي بابت آمريڪي ڪميشن مذمت ڪئي

آمريڪي ڪميشن بين الاقوامي مذهبي آزادي بابت فرانس جي اسڪولن ۾ عبايا تي پابندي جي مذمت ڪئي آهي.

هڪ بيان ۾ بين الاقوامي مذهبي آزادي بابت آمريڪي ڪميشن جي سربراهه ابراهيم ڪوپر چيو آهي ته فرانس ۾ عبايا تي پابندي جو مقصد مسلمان اقليت کي تنگ ڪرڻ آهي.

ابراهيم ڪوپر جو چوڻ آهي ته عبايا پابندي فرانسيسي سيڪيولر قدرن کي فروغ ڏيڻ جي گمراهي واري ڪوشش آهي.

هن چيو ته فرانس مسلمانن کي نشانو بڻائڻ ۽ خوفزده ڪرڻ لاءِ سيڪيولرزم جي مخصوص تشريح کي استعمال ڪري رهيو آهي.

ياد رهي ته فرانس هن هفتي کان تعليمي ادارن ۾ عبايا پائڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي.

Read Previous

مراڪش ۾ زلزلي تباهي مچائي ڇڏي، 300 کان وڌيڪ فوت، سوين زخمي

Read Next

ڀارتي وزيراعظم پاران جي 20 سربراهه اجلاس جي پڌرنامي تي اتفاق راءِ جو اعلان

Most Popular