عوام جي لاءِ ٻيهر پيٽرول بم تيار، 15 روپيه في ليٽر واڌ جو امڪان

ايندڙ هفتي پيٽروليم شيون في ليٽر 15 روپين تائين مهانگيون ٿيڻ جو امڪان آهي.

هڪ هفتي دوران عالمي مارڪيٽ ۾ ٻارڻ جو تيل 5 ڊالر في بيرل مهانگو ٿي چڪو آهي. هڪ نجي ٽي وي جي رپورٽ موجب عالمي مارڪيٽ ۾ ٻارڻ جي تيل جون قيمتون مهانگيون ٿيون آهن جنهن سبب پاڪستان ۾ مهانگائي جي نئين طوفان جا خدشا جنم وٺي رهيا آهن.

ڊالر جي قيمت ۾ وڌيڪ لاٿ نه ٿي ته 16 سيپٽمبر کان پيٽروليم شين جون قيمتون وڌيڪ وڌي سگهن ٿيون. رپورٽ موجب گلف مارڪيٽ ۾ ٻارڻ جي تيل جي قيمت 88 ڊالر في بيرل کان وڌي 93 ڊالر تائين پهچي وئي آهي.

Read Previous

بجلي چورن خلاف آپريشن جاري، بهاوالپور ۾ 29 هزار 767 ڪينڪشن ڪاٽا

Read Next

آصف زرداري ۽ بلاول جي بيانن ۾ ايترو وڏو فرق نه آهي: فيصل ڪريم

Most Popular