آصف زرداري ۽ بلاول جي بيانن ۾ ايترو وڏو فرق نه آهي: فيصل ڪريم

پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته چونڊن جي حوالي سان اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي بيانن ۾ ايترو وڏو فرق نه آهي.

فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته آئين ۾ لکيل آهي ته جيڪڏهن سيٽون وڌايون ٿيون وڃن ته تڪ بنديون ٿينديون تڪ بنديون ايترو وڏو ڪم نه آهي جنهن کي اوهان نومبر تائين کڻي وڃڻ چاهيو ٿا.

هن چيو ته اهو به شڪ آهي ته شايد چونڊ شيڊول ڊسمبر ۾ به نه ملي. اوهان چونڊن جي تاريخ نه ڏئي رهيا آهيو، صرف خاموشي اختيار ڪري رکي آهي ان جو ڇا مطلب آهي.

هن چيو ته پيپلز پارٽي متحد آهي. ايندڙ هفتي لاهور ۾ پيپلز پارٽي جي سي اي سي جو اجلاس آهي اجلاس ۾ ايندڙ چونڊن جي حوالي سان مشاورت ڪئي ويندي ۽ مستقبل جو لائحه عمل جوڙينداسين.

Read Previous

عوام جي لاءِ ٻيهر پيٽرول بم تيار، 15 روپيه في ليٽر واڌ جو امڪان

Read Next

شيخوپوره ڀرسان زائرين جي بس حادثي جو شڪار، 6 ڄڻا فوت، 30 کان وڌيڪ زخمي

Most Popular