بنگلاديش ۾ سوين دڪان سڙي ويا

بنگلاديش جي راڄڌاني ڍاڪا جي بازار ۾ باهه لڳڻ سبب سوين دڪان سڙي ويا.

پرڏيهي خابرو اداري موجب ڍاڪا جي بازار ۾ اڄ صبح دڪان کولڻ کان اڳ ئي باهه لڳي وئي، باهه تيزيءَ سان پکڙجي وئي جنهن سبب وڏي مقدار ۾ کاڪنگ آئل ۽ پلاسٽڪ جون شيون سڙي رک ٿي ويون.

اختيارين موجب پاڪ فوج ۽ فائر برگيڊ عملي 6 ڪلاڪن کانپوءِ باهه تي ضابطو آندو، دڪان بند هئڻ سبب ڪو به جاني نقصان نه ٿيو.

پرڏيهي خابرو اداري موجب فائر سروس اهلڪار شاهجهان سڪردار جو چوڻ آهي ته باهه شايد بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب لڳي.

Read Previous

اسپيني صحافي کي لائيو ٽيلي ڪاسٽ دوران هراسان ڪيو ويو

Read Next

پرتگال ۾ ڪار ۾ سوار 10 مهينن جي ٻارڙي پيءُ جي لاپرواهي سبب فوت

Most Popular