پيپلزپارٽي نئين تڪبندين تحت ٺٽي ضلعي جي ميرپور ساڪرو واري صوبائي تڪ جي خاتمي کي چئلينج ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو
اڳوڻي ايم پي اي حاجي علي حسن زرداري، پ پ ضلعي ٺٽي جي صدر صادق ميمڻ ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته ميرپور ساڪرو جو صوبائي تڪ ختم ڪرڻ واري فيصلي خلاف اليڪشن ڪميشن ۾ پٽيشن داخل ڪرائي ويندي
فيصلو برقرار رکيو ويو ته ان کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويندو، نئين تڪبندين تحت پي ايس 79 ميرپور ساڪرو کي ختم ڪري ان جو هڪ حصو ٺٽو ۽ ٻيو حصو گهوڙا ٻاري ۾ شامل ڪيو ويو آهي
اڳوڻي ايم پي اي صادق ميمڻ ڪجهه ڏينهن اليڪشن ڪميشن کي لکيل خط ۾ به ميرپور ساڪرو جو صوبائي تڪ ختم نه ڪرڻ جي درخواست ڪئي هئي
پيپلزپارٽي جي ضلعي قيادت جو چوڻ آهي ته نئين آدمشماري جي انگ اکرن تحت به ٺٽي ضلعي جا ٽئي صوبائي تڪ برقرار رکي سگهجن ٿا، اليڪشن ڪميشن کي فيصلي تي نظرثاني ڪرڻ گهرجي