پ پ سينيٽ جي خالي سيٽن تي فوري اليڪشن جو مطالبو ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: (خميس: 29 فيبروري 2024ع) پاڪستان پيپلزپارٽي سينيٽ جي خالي سيٽن تي فوري اليڪشن ڪرائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.

پ پ پاران اليڪشن ڪميشن کي لکيل خط جي متن ۾ چيو ويو آهي ته سينٽ جي 11 سيٽون خالي ٿي ويون آهن، ڪيئي سينيٽر قومي اسيمبليءَ جو ميمبرن بڻجڻ کانپوءِ استعيفيٰ ڏئي چڪا آهن.

خط موجب، سينيٽ ۾ يوسف رضا گيلاني، ڄام مهتاب ڏهر، نثار کهڙو، غفور حيدري، سرفراز بگٽي، نزهت صادق، صادق سنجراڻي، شهزاده عمر، مرحوم راڻا مقبول، شوڪت ترين ۽ انوار الحق ڪاڪڙ جون سيٽون خالي ٿيون آهن.

خط ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سينيٽ جون سيٽون ڪيئي سينيٽرن جي استعيفيٰ کانپوءِ خالي ٿيون آهن، عام چونڊن ۾ ڪجهه سينيٽرز قومي اسيمبلي جا ميمبرز چونڊيا ويا آهن.

Read Previous

قومي اسيمبلي جي گيلري ۾ مريم نواز ۽ آصفه ڀٽو جي ملاقات

Read Next

ايم ڪيو ايم کي گورنر شپ ۽ وزارتون نه گهرجن : خالد مقبول

Most Popular