اسلام آباد: (خميس: 29 فيبروري 2024ع) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ خالد مقبول صديقي چيو آهي ته عهدن جو فيصلو ٿي ويو اسان ڪو به عهدو ناهي گهريو.
قومي اسيمبليءَ جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ خالد مقبول صديقي چيو ته ايم اڪيو ايم گورنر شپ ۽ وزارتن لاءِ نه آئي آهي، عوام تائين جهموريت جا اثر پهچائڻ آيا آهيون.
هن چيو ته عهدن جو فيصلو ٿي ويو آهي ايم ڪيو ايم ڪو به عهدو ناهي گهريو، ايم ڪيو ايم حقيقي مينڊيٽ سان واپس آئي آهي، اڃا وڌيڪ سيٽن جي اميد هئي، لاڳاپيل فورم تي چونڊ نتيجن خلاف احتجاج ڪنداسين.
خالد مقبول وڌيڪ چيو ته پنجهتر سال اڳ جيڪو منظرنامو هو اڄ به اِهو ئي آهي، اهڙي جهموريت جنهن جا اثر عوام تائين نه پهچن، بي مقصد آهي، پاڪستان جي ٽيويهه ڪروڙ عوام کي حق ڏيڻا پوندا.