رمضان المبارڪ جو چنڊ ڏسڻ لاءِ رويت هلال ڪميٽي جو اجلاس 11 مارچ تي طلب

اسلام آباد: (اربع: 06 مارچ 2024ع) رمضان المبارڪ جو چنڊ ڏسڻ لاءِ مرڪزي رويت هلال ڪميٽي جو اجلاس طلب ڪيو ويو آهي.

مرڪزي رويت هلال ڪميٽي جو اجلاس 11 مارچ تي پشاور ۾ طلب ڪيو ويو آهي. اجلاس جي صدارت ڪميٽي جو چيئرمين سيد عبدالخبير آزاد ڪندو. رمضان جي چنڊ جي رويت لاءِ زونل ڪميٽين جا اجلاس مقرر هنڌن تي ٿيندا.

ان حوالي سان فلڪيات جي ماهرن جو چوڻ آهي ته گهڻن اسلامي ملڪن ۾ رمضان جي شروعات 12 مارچ تي ٿيڻ جي اميد آهي.

موسميات کاتي جي ترجمان موجب 10 مارچ تي چنڊ جي پيدائش جو امڪان آهي. سنڌ ۽ پنجاب ۾ رمضان المبارڪ جو چنڊ نظر اچڻ جا ڊگها امڪان آهن.

Read Previous

پشاور هاءِ ڪورٽ مخصوص سيٽن تي ميمبرن کي حلف کڻڻ کان روڪي ڇڏيو

Read Next

صدارتي چونڊون: ايم ڪيو ايم آصف زرداري جي حمايت تي راضپو ظاهر ڪري ڇڏيو

Most Popular