اسلام آباد: (اربع: 06 مارچ 2024ع) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو ذوالفقار علي ڀٽو صدارتي ريفرنس تي سپريم ڪورٽ جي راءِ کي تاريخي قدم قرار ڏيندي چيو آهي ته 44 سالن کان پوءِ تاريخ صحيح ٿي رهي آهي.
صدارتي ريفرنس تي سپريم ڪورٽ جي راءِ سامهون اچڻ کان پوءِ عدالت جي ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اڄ سپريم ڪورٽ هڪ تاريخي فيصلو ٻڌايو آهي، آصف زرداري طرفان اماڻيل ريفرنس ۾ عدالت اهو مڃيو آهي ته اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو کي شفاف ٽرائل جو موقعو نه مليو.
پ پ چيئرمين چيو ته عدالت چيو آهي ته ماضي جي غلطين کي صحيح ڪرڻ جي لاءِ فيصلو ٻڌائي رهيا آهيون. بلاول وڌيڪ چيو ته اڄ هڪ تاريخي قدم کنيو ويو آهي، 44 سالن کان پوءِ تاريخ صحيح ٿي رهي آهي، انهي فيصلي سان پاڪستان اڳيان ويندو ۽ ترقي ڪندو.
هن چيو ته ڀٽو کي ڦاهي جو ڏيڻ جو فيصلو هڪ اهڙو داغ هو جنهن جي ڪري عوام سمجهندي هئي ته انصاف ملڻ مشڪل ٿي ويو آهي، هاڻ اسان تفصيلي فيصلي جي انتظار ۾ آهيون، تفصيلي فيصلو اچڻ کان پوءِ اسان وڪيلن سان مشاورت ڪنداسين ان کان پوءِ مان تفصيل سان ڳالهائي سگهندس.
بلاول ڀٽو ججز ۽ وڪيلن جو ٿورو ادا ڪندي چيو ته انهي فيصلي کان پوءِ اميد آهي ته نظام صحيح رستي تي هلڻ شروع ٿي ويندو. ياد رهي ته سپريم ڪورٽ ذوالفقار علي ڀٽو صدارتي ريفرنس ۾ راءِ ڏيندي چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو کي فيئر ٽرائيل جو موقعو نه مليو. سپريم ڪورٽ جي راءِ گڏيل هوندي. ڀٽو جي ٽرائل ۾ بنيادي حقن تي عمل نه ڪيو ويو.
چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو هو ته عدليه جو ڪم انصاف ڏيڻ آهي، تاريخ ۾ اهڙا ڪيترائي ڪيس آهن جن ۾ صحيح فيصلا نه ٿيا آهن. ماضي جي غلطين جي ازالي کان سواءِ صحيح رستي تي نٿو هلي سگهجي.