ملڪ ۾ گرمي وڌڻ جو امڪان، موسميات کاتي خبردار ڪري ڇڏيو

ڪراچي: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) موسميات کاتي خبردار ڪري ڇڏيو آهي ته مئي ۾ گرمي جي هڪ لهر سبب سموري ملڪ ۾ گرمي پد وڌڻ جو امڪان آهي.

موسميات کاتي موجب هلندڙ هفتي ملڪ جي مختلف علائقن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ جڏهن ته ڏاکڻي علائقن ۾ وڌيڪ گرم رهندو.

موسميات کاتي چيو آهي ته اسلام آباد ۾ اپريل ۽ مئي ۾ برساتن سبب اڃان تائين گرمي جي شدت ۾ واڌ محسوس نه ڪئي وئي آهي، پر ايندڙ ڏينهن تمام گهڻا گرم گذرڻ وارا آهن.

موسميات کاتي جي ڊائريڪٽر جنرل مهر صاحبزاد خان چيو آهي ته پاڪستان ۾ هن سال به معمول کان وڌيڪ برساتون رڪارڊ ڪيون وينديون جنهن سبب سنڌ ۽ بلوچستان جي سڀني کان وڌيڪ متاثر ٿيڻ جو امڪان آهي.

هن چيو ته هلندڙ ڏينهن کان گرمي وڌڻ شروع ٿيندي جنهن سبب ڏاکڻي پنجاب جا علائقا به هيٺ ويو جي اثر هيٺ هوندا.

موسميات جي ماهرن شهرين کي مشورو ڏنو آهي ته هيٽ ويو کان بچڻ لاءِ مٿي کي ڍڪين ۽ پاڻي جو وڌ کان وڌ استعمال ڪرڻ ضروري آهي.

Read Previous

16 مئي کان پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ وڏي لاٿ جو امڪان

Read Next

اذلان شاهه ٽورنامينٽ ۾ سلور ميڊل کٽيندڙ قومي هاڪي ٽيم جو ملڪ واپسي تي پرجوش استقبال

Most Popular