ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته آءِ ايم ايف سان ڳالهيون سڀاڻي شروع ٿينديون، نجڪاري تي اسحاق ڊار سان اختلاف ناهن، معيشت ڊاڪيومينٽيڊ نه هئڻ ڪري ڏکيائيون پيش آهن، جيڪي واپاري ٽيڪس نيٽ کان ٻاهر آهن، اهي پاڻ ٽيڪس نيٽ ۾ اچن، کين سهولتون ڏينداسين
لاهور ۾ تقريب کي خطاب ڪندي ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو ته ٽيڪس نيٽ آءِ ايم ايف جي نه پاڪستان جي ضرورت آهي، ٽيڪس نيٽ شموليت مهم کان پوئتي نه هٽنداسين
هن چيو ته ملڪ ۾ معاشي استحڪام چاهيو ٿا ته نجڪاري طرف وڃڻو پوندو ۽ نجي شعبي کي اڳيان اچڻو پوندو، بجلي ورڇيندڙ ڪمپنيز جا بورڊز تبديل ڪري رهيا آهيون،ان ۾ نجي شعبا به شامل ڪنداسين، اسان کي بجليءَ جي چوري مڪمل طور تي ختم ڪرڻي آهي
هن چيو ته ٽيڪس، جي ڊي پي ۽ توانائيءَ تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، اسان کي ٽيڪس نيٽ وڌائڻي آهي، ان جو سبب آءِ ايم ايف ناهي پر اها پاڪستان جي ضرورت آهي
- TAGS
- top_stories