آزاد ڪشمير ۾ عوامي ايڪشن ڪميٽي پاران احتجاج ختم ڪرڻ جو اعلان

آزاد ڪشمير ۾ عوامي ايڪشن ڪميٽي پاران احتجاج ختم ڪرڻ جو اعلان، مظفر آباد ۾ 3 مظاهرين جي مارجي وڃڻ بعد اڄ يوم سوڳ ملهائڻ ۽ هڙتال جو اعلان ڪيو ويوآزاد ڪشمير ۾ عوامي ايڪشن ڪميٽي پاران احتجاج ختم ڪرڻ جو اعلان، مظفر آباد ۾ 3 مظاهرين جي مارجي وڃڻ بعد اڄ يوم سوڳ ملهائڻ ۽ هڙتال جو اعلان ڪيو ويو

عوامي ايڪشن ڪميٽي جي ميمبر امتياز اسلم جو چوڻ آهي ته آزاد ڪشمير جي مختلف علائقن مان مظفر آباد پهتل مظاهرين کي گهرن ڏانهن واپس وڃڻ لاءِ چيو ويو آهي

 امتياز اسلم چيو ته 3 مظاهرين جي مارجي وڃڻ جو ذميوار آزاد ڪشمير جو وزيراعظم چوڌري انوار الحق آهي، سندس خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي

هن چيو ته وفاقي سرڪار اسان جا سمورا مطالبا تسليم ڪري ورتا آهن، تنهن ڪري احتجاج ختم ڪري رهيا آهيون

گذريل ڏينهن ايڪشن ڪميٽي جا مطالبا منظور ڪندي آزاد ڪشمير ۾ اٽو ۽ بجلي سستي ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو هو

 وزيراعظم شهباز شريف 23 ارب روپيا جاري ڪرڻ جي منظوري به ڏني هئي، جڏهن ته هڪ ڏينهن اڳ وڳوڙن ۾ 3 ڄڻا پڻ مارجي ويا هئا

Read Previous

پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ ڳالهيون شروع: معيشت جي بهتري لاءِ کنيل قدمن تي اطمينان جو اظهار

Read Next

وزير اعظم شهباز شريف آزاد ڪشمير جي صورتحال تي اڄ هنگامي اجلاس طلب ڪري ورتو

Most Popular