9 مئي جي ڏوهارين کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ بيهارڻ لازمي آهي: آرمي چيف

اسلام آباد: (خميس: 30 مئي2024ع) فارميشن ڪمانڊرز ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙن چيو آهي ته ملڪ جي وسيع تر مفادن لاءِ لازمي آهي ته 9 مئي جا منصوبا تيار ڪندڙ، ڏوهاري ۽ ان جي حوصله افزائي ڪندڙن ۽ سهولتڪارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾  بيهاريو وڃي.

آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير جي صدارت هيٺ 83هين فارميشن ڪمانڊرز ڪانفرنس ٿي جنهن ۾ ڪور ڪمانڊرز، پرنسپل اسٽاف آفيسرز ۽ پاڪ فوج جي سمورن فارميشن ڪمانڊرز به شرڪت ڪئي. فورم جي شهيدن کي ايثال ثواب پهچائڻ جي لاءِ فاتحه خواني پڻ ڪئي وئي.

فورم ملڪ جي حفاظت، سلامتي ۽ خودمختاري جي لاءِ هٿياربند فوج جي آفيسرن، جوانن، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ پاڪستاني شهرين سميت شهيدن جي عظيم قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪيو.

فورم چيو ته قانون جي عملداري کي قائم ڪندي 9 مئي جي ڏوهارين خلاف فوري ۽ شفاف عدالتي ۽ قانوني ڪارروائي نه ڪئي وئي ته اهڙن سازشي عناصرن جي هٿان ملڪ هميشه يرغمال رهندو. شرڪت ڪندڙن کي جيواسٽريٽجڪ حالتن، قومي سلامتي جي لاءِ سامهون ايندڙ چيلنجز ۽ ملٽي ڊومين خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪ فوج جي حڪمت عملي جي باري ۾ آگاهه ڪيو ويو. جڏهن ته پاڪ فوج کي جديد بنائڻ ۽ فيلڊ فارميشنز جي لاءِ لاجسٽڪ سپورٽ کي بهتر بنائڻ جي لاءِ نئين ٽيڪنيڪي تخليقن جي باري ۾ به بريفنگ ڏني وئي.

فورم افغانستان جي سرحد پار کان مسلسل ڀڃڪڙين ۽ افغان زمين کي استعمال ڪندي دهشتگردي جي منصوبه بندي تي سخت خدشن جو اظهار ڪيو. انهن خدشن جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان جا دشمن پاڪستان جي اندر سيڪيورٽي فورسز ۽ معصوم شهرين کي نشانو بنائڻ لاءِ افغانستان کي استعمال ڪري رهيا آهن. شرڪت ڪندڙن دهشتگردي خلاف جنگ ۾ نئين ضم ٿيل ضلعن جي عوام جي قربانين جو اعتراف ڪيو جڏهن ته دهشتگردي کي شڪست ڏيڻ جي لاءِ نون ضم ٿيلن ضلعن جي ترقي جي اهميت تي به زور ڏنو. فورم بلوچستان ۾ سماجي، اقتصادي ترقي جي ضرورت تي به زور ڏنو ته جيئن اندروني طور تي پروپيگنڊا ڪندڙن جو مقابلو ڪري سگهجي.

آرمي چيف مختلف مشقن جي دوران فارميشنز جي اعليٰ، معياري تربيت ۽ دهشتگردي جي خاتمي وارين ڪاررواين ۾ آفيسرن ۽ جوانن جي شاندار ڪارڪردگي جي تعريف ڪئي. آرمي چيف فارميشنز جي بلند حوصلن ۽ هر وقت آپريشنل تيارين جي به تعريف ڪئي.

ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙن حاضر سروس، ريٽائرڊ آفيسرن ۽ جوانن جي تربيت، انتظاميه ۽ فلاح بهبود جي لاءِ فوجي سطح تي کنيل قدمن تي مڪمل اطمينان جو اظهار ڪيو. فورم يوم تڪبير تي پاڪستان طرفان حاصل ڪيل اهم سنگ ميل ۽ خطي تي ان جي مستحڪم اثرن جي به تعريف ڪئي.

ڪانفرنس جي پڄاڻي تي انهي عزم سان جو اظهار ڪيو ويو ته ملڪ جي سلامتي ۽ استحڪام کي پيش ايندڙ سمورن خطرن کي فخر جوڳي قوم جي مڪمل حمايت سان ناڪام بنايو ويندو.

Read Previous

ڊيرا اسماعيل خان ۾ سيڪيورٽي فورسز جو آپريشن، پابندي مڙهيل تنظيم جا 2 دهشتگرد مارجي ويا

Read Next

حيدرآباد ۾ گئس سلينڊرزڌماڪي ۾ فوت ٿيلن جو انگ وڌي 6 ٿي ويو

Most Popular