موسميات کاتي هن هفتي دوران گرمي جي لهر ختم ٿيڻ جو خوشخبري ٻڌائي ڇڏي
موسميات کاتي موجب 4 کان 7 جون تائين مٿانهين علائقن ۾ هوائون سان گڏ برسات جو امڪان آهي، ڪمزور اولهه واريون هوائون سڀاڻي مٿانهين ۽ وچ وارن علائقن ۾ داخل ٿينديون.
موسميات کاتي موجب 3 کان 8 جون تائين گلگت بلتستان ۽ ڪشمير ۾ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي. چترال، مانسهره، هري پور، ڪوهستان ۽ شانگلا ۾ 4 کان 8 جون تائين گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي، اسلام آباد، مري، اٽڪ، جهلم، منڊي بهاءُ الدين ۽ گوجرانوالا ۾ 4 کان 6 جون تائين برسات جو امڪان آهي
لاهور، حافظ آباد، سيالڪوٽ، قصور، اوڪاڙه، فيصل آباد ۽ خوشاب ۾ به برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي
5 کان 7 جون تائين بهاولپور، ڊي جي خان، ساهيوال، ملتان ۽ ليه ۾ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي
6-7 جون تي جيڪب آباد، ڪشمور ۽ لاڙڪاڻي ۾ به تيز هوائن ۽ برسات جو امڪان آهي
5 کان 7 جون تائين ڪوئيٽا، زيارت، ڪوهلو، ڊيرا بگٽي ۽ بارکھان ۾ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته هوائن سبب تيار فصلن ۽ ڪمزور انفراسٽرڪچر کي نقصان پهچڻ جو خدشو آهي