اسلام آباد: (اڱارو: 04 جون 2024ع) تحريڪ انصاف قيادت تڪراري ٽوئيٽ بابت شڪايت ۽ ايف آءِ اي طلبي جا نوٽيس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج ڪري ڇڏيا.
پي ٽي آءِ چيئرمين گوهر خان ۽ اطلاعات واري سيڪريٽري رئوف حسن طرفان هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪيل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ باني جي ايڪس اڪائونٽ تان پوسٽ جو مقصد پاڪستان لاءِ گڏ هجڻ جو درس ڏئي ٿو.
درخواست ۾ گهرو سيڪريٽري، شڪايت ڪندڙ ڊپٽي ڊائريڪٽر، ايف آءِ اي ۽ جاچ آفيسر کي ڌر بنايو ويو آهي.
درخواست ۾ چيو ويو آهي ته پوسٽ جو مقصد ملڪ کي بحران مان ڪڍڻ لاءِ نيشنل ڊائيلاگ جي اهتمام جي ترغيب ڏئي ٿو. پي ٽي آءِ باني جي ايڪس اڪائونٽ تان ڪيل پوسٽ سياسي مخالفن ٽوڙي مروڙي پيش ڪئي.
درخواست ۾ چيو ويو آهي ته جاچ آفيسر 31 مئي تي درخواستگذارن کي طلبي جا نوٽيس جاري ڪيا. طلبي جي نوٽيس جو مقصد درخواستگذارن کي هراسان ڪرڻ آهي.
درخواست ۾ عدالت کان استدعا ڪئي وئي آهي ته شڪايت ۽ طلبي جا نوٽيس ڪالعدم قرار ڏئي درخواست جي ٻڌڻي هيٺ هجڻ تائين ڌرين کي درخواستگذارن کي گرفتار يا هراسان ڪرڻ کان روڪيو وڃي.