ڪراچي: (اڱارو: 04 جون 2024ع) متحده قومي موومينٽ پاڪستان جي اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال عدليه مخالف بيان تي غير مشروط معافي گهري ورتي آهي.
سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ جمع ڪرايل حلفيه بيان ۾ مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته مان اعليٰ عدليه جي ججز جو دل سان احترام ڪريان ٿو. عدليه ۽ ججز جي اختيارن ۽ ساک کي بدنام ڪرڻ جو سوچي به نٿو سگهان.
ايم ڪيو ايم اڳواڻ چيو ته عدليه بابت پنهنجي بيان تي خاص طور تي 16 مئي تي پريس ڪانفرنس تي غير مشروط معافي گهرڻ چاهيان ٿو. معزز عدالت کان معافي جي درخواست تي پاڻ کي عدالت جي رحم ڪرم تي ڇڏيان ٿو.
ياد رهي ته سپريم ڪورٽ سينيٽر فيصل واوڊا ۽ مصطفيٰ ڪمال کي عدليه مخالف بيان ڏيڻ تي توهين عدالت جو نوٽيس جاري ڪيو هو.