اسٽيلز ملز نجڪاري لسٽ مان خارج، سنڌ سرڪار کي ڏيڻ جو انڪشاف

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزير صنعت و پيداوار رانا تنوير چيو آهي ته پاڪستان اسٽيل ملز کي نجڪاري جي فهرست مان هٽايو ويو آهي. ڇو ته ان جي نجڪاري نه ٿئي رهي آهي. اسٽيل ملز هاڻي سنڌ حڪومت کي ڏني وئي، سنڌ حڪومت کي ئي هاڻي هلائڻي آهي

سينيٽ جي سوالن واري وقفي ۾ وفاقي وزير صنعت ۽ پيداوار رانا تنوير جواب ڏيندي چيو ته پاڪستان اسٽيل ملز کي نجڪاري جي لسٽ مان هٽايو ويو آهي ڇو جو ان جي نجڪاري نه ٿي رهي آهي. هاڻي ان جي 1500 ايڪڙ تي ايڪسپورٽ پرسيسنگ زون ٺاهي رهيا آهيون. چين پنهنجي انڊسٽري اُتي ري لوڪيٽ ڪرڻ چاهي ٿو

چين سميت ٻيا ملڪ ان ۾ پنهنجي فيڪٽري لڳرائڻ ۾ دلچسپي وٺي رهيا آهن. رانا تنوير چيو ته اسٽيل ملز جي ساڍا 700 ايڪڙ سنڌ حڪومت کي ملي وئي آهي. سنڌ حڪومت هاڻي نئين اسٽيل مل لڳائي يا ان ئي ملز کي بحال ڪندي. اسٽيل ملز هاڻي سنڌ حڪومت وٽ آهي، سنڌ حڪومت ئي اُن کي هلائيندي

اعظم نذير تارڙ چيو ته ملڪ جي ايڪسپورٽ مئي جي اختتام تي 28 ارب ڊالر تائين پهچي وئي آهي. اميد آهي ته هي 30 ارب ڊالر تائين پهچي ويندي. آءِ ايم ايف پروگرام چوي ٿو ته اوهان وڌيڪ سبسڊي نٿا ڏئي سگهو. حڪومت کي ايڪسپورٽ پنج سالن ۾ 50 ارب ڊالرز تائين کڻي وڃڻو آهي. هاڻي منفي کان پوءِ ايڪسپورٽ ۾ مثبت رجحان اچي رهيو آهي.

Read Previous

ميرپورماٿيلو: شهيد نصرالله گڏاڻي جي امڙ جوابدار جي سڃاڻپ ڪري ورتي

Read Next

ميرپورخاص ۾ زرعي پاڻي جي کوٽ خلاف سوين آبادگارن جو ڌرڻو

Most Popular