مسلم ليگ(ن) سان ڳالهيون: پ پ بجيٽ ۽ انتظامي معاملن ۾ نظرانداز ڪرڻ تي خدشا ظاهر ڪري ڇڏيا

لاهور: (خميس: 13 جون 2024ع) مسلم ليگ(ن) ۽ پ پ ۾ ڳالهين جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي آهي، پيپلز پارٽي(ن) ليگ سان ڪيل معاهدن جي ڪاپي کولي ڇڏي.

ذريعن موجب پيپلز پارٽي پنهنجا خدشا سامهون رکندي چيو ته حڪومت جو حصو بنجڻ واري معاهدي تي(ن) ليگ عمل نه پئي ڪري معاهدي ۾ پنجاب ۾ پ پ کي پيش ايندڙ مسئلا سرفهرست آهن.  پ پ اڳواڻن مسلم ليگ(ن) مفاهمتي معاهدي تي عمل ڪرڻ ۾ غير سنجيده آهي.  (ن) ليگ مفاهمتي معاهدي تي عمل يقيني بنائي.

پ پ پنجاڀ ۾ انتظامي معاملن تي نظر انداز ڪرڻ جي حوالي سان به خدشن جو اظهار ڪندي چيو ته پنجاب ۾ انتظامي آفيسرن جي مقررين تي پ پ کي نظر انداز ڪيو پيو وڃي. ان کان علاوه ترقياتي منصوبن تي به اعتماد ۾ نه پيو ورتو وڃي.

ذريعن موهب پيپلز پارٽي چيو ته تازي بجيٽ تي به اسان کي اعتماد ۾ نه ورتو ويو. بجيٽ تجويزن ۾ پ پ کي شامل ڪرڻ ۽ بلاول ڀٽو کي اعتماد ۾ وٺڻ جي افواهن تي به پ پ کي خدشا آهن.

ذريعن موجب ڳالهين جي دوران(ن) ليگ پيپلز پارٽي کي پرچائڻ جي لاءِ اعليٰ قيادت سان رابطا به ڪندي رهي. ڳالهيون ختم ٿيڻ کان پوءِ (ن) ليگ پيپلز پارٽي کي خدشا ختم ڪرڻ جو يقين ڏياري ڇڏيو.

Read Previous

وفاقي بجيٽ پيش ٿيڻ بعد اڄ اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ 2 هزار 3 سئو پوائنٽس جو اضافو

Read Next

پنجاب اسيمبلي ۾ 5 هزار 446 ارب روپين جو بجيٽ پيش، ڪوبه نئون ٽيڪس نه لڳايو ويو

Most Popular