پنجاب اسيمبلي ۾ 5 هزار 446 ارب روپين جو بجيٽ پيش، ڪوبه نئون ٽيڪس نه لڳايو ويو

لاهور: (خميس: 13 جون 2024ع) پنجاب اسيمبلي ۾ مالي سال 25-2024 جو بجيٽ پيش ڪيو پيو وڃي.

بجيٽ تقرير ڪندي پنجاب جي ناڻي واري وزير مجتبيٰ شجاع الرحمان چيو ته اڄ هن حڪومت جو پهريون ٽيڪس فري بجيٽ پيش ڪيو پيو وڃي. پنجاب ۾ ترقي جي شروعات ٿي وئي آهي.

پنجاب جي ناڻي واري وزير چيو ته وزيراعليٰ مريم نواز مهانگائي جي مسئلي تي خاص ڌيان ڏنو آهي. ذخيرو ڪندڙن، ملاوٽ ڪندڙ ۽ ناجائز منافعي خورن خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو ويو آهي.

پنجاب جي ناڻي واري وزير چيو ته بجيٽ جو گڏيل حجم 5 هزار 446 ارب روپيه آهي. ٽوٽل آمدني جو اندازو 4 هزار 643 ارب 40 ڪروڙ روپيه لڳايو ويو آهي. 842 ارب روپيه ڊوالپمينٽ خرچن لاءِ تجويز ڪيا ويا آهن، جڏهن ته سالياني ڊوالپمينٽ پلان ۾ 77 نوان ميگا پراجيڪٽس شامل هوندا.

ناڻي واري وزير چيو ته موجوده روينيو حدف 960 ارب روپيه مقرر ڪيو ويو آهي. 960 ارب  روينيو صوبو پنهنجي ذريعن کان گڏ ڪندو. ناڻي واري وزير چيو ته گهٽ ۾ گهٽ پگهار 32 هزار مان وڌائي 37 هزار روپيه ڪرڻ جي تجويز آهي.

ناڻي واري وزير چيو ته هڪ سئو يونٽ تائين بجلي استعمال ڪندڙن کي مفت سولر سسٽم ڏينداسين. هن چيو ته ملڪي تاريخ جو سڀني کان وڏو هاري دوست  پيڪيج متعارف ڪرائي رهيا آهيون  هڪ ارب 25 ڪروڙ جي لاڳت سان سڄي پنجاب ۾ ماڊل ايگريڪلچر مالز جو قيام 2 ارب جي لاڳت سان لائيو اسٽاڪ رڪارڊ جاري ڪيو پيو وڃي. جڏهن ته ڏوراهين علائقن ۾ هارين کي ڊيري فارمنگ جي لاءِ آسان قسطن تي قرض ڏنا پيا وڃن.

Read Previous

مسلم ليگ(ن) سان ڳالهيون: پ پ بجيٽ ۽ انتظامي معاملن ۾ نظرانداز ڪرڻ تي خدشا ظاهر ڪري ڇڏيا

Read Next

سائفر ڪيس: عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي جي بريت سپريم ڪورٽ ۾ چيلينج

Most Popular