سائفر ڪيس: عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي جي بريت سپريم ڪورٽ ۾ چيلينج

اسلام آباد: (خميس: 13 جون 2024ع) وفاقي جاچ ايجنسي(ايف آءِ اي) سائفر ڪيس ۾ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي جي بريت سپريم ڪورٽ ۾ چيلينج ڪري ڇڏي.

ايف آءِ اي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪري ڇڏي آهي. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته پراسيڪيوشن ثبوت ۽ فارنزڪ ٿيل دستاويزات ٽرائل دوران ڏنا. هاءِ ڪورٽ جو فيصلو اهو ظاهر نٿو ڪري ته ڪهڙن بنيادن تي جوابدارن کي بري ڪيو ويو.

ياد رهي ته چيف جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب تي ٻڌل 2 رڪني بينچ عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي جي سائفر ڪيس ۾ سزا ڪالعدم قرار ڏيندي انهن کي بري ڪري ڇڏيو.

ان کان اڳ سائفر ڪيس جي خصوصي عدالت ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي  کي 10-10 سال قيد جي سزا ٻڌائي هئي.

Read Previous

پنجاب اسيمبلي ۾ 5 هزار 446 ارب روپين جو بجيٽ پيش، ڪوبه نئون ٽيڪس نه لڳايو ويو

Read Next

آءِ ايم ايف نئي مالي سال جي بجيٽ تي اطمينان جو اظهار ڪري ڇڏيو

Most Popular