اسلام آباد: (ڇنڇر: 15 جون 2024ع) وزيراعظم شهباز شريف ايندڙ 15 ڏينهن لاءِ پيٽرول جي في ليٽر قيمت ۾ 10 روپيه 20 پئسا گهٽ ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي جنهن کان پوءِ پيٽرول جي في ليٽر قيمت 258 روپيه 16 پئسا في ليٽر ۽ ڊيزل جي نئين قيمت 267 روپيه 89 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي.
ناڻي واري وزارت طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته پيٽروليم قيمتن ۾ لاٿ عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جون قيمتون گهٽ هجڻ تي ڪيون ويون.