لاهور: (جمعو: 21 جون 2024ع) پنجاب ۾ قلم 144 لاڳو ڪري ريلين ۽ جلسن تي پابندي لڳائي وئي آهي.
صوبائي گهرو کاتي طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب پنجاب ۾ مظاهرن ۽ ڌرڻن تي به پابندي هوندي.
نوٽيفڪيشن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته صوبي جي سيڪورٽي سببن جي ڪري قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آهي.