ڪراچي: (جمعو: 21 جون 2024ع) انٽر بئنڪ ۾ پاڪستاني رپئي جي ڀيٽ ۾ آمريڪي ڊالر سستو ٿي ويو.
اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان طرفان جاري ڪيل انگ اکرن موجب، انٽر بئنڪ ۾ ڊالر جو اگهه 9 پئسا لاٿ کانپوءِ 278 رپيا 51 پئسا رهيو.
گذريل ڏينهن 9 پئسا واڌ کانپوءِ ڪاروبار جي پڄاڻي تي ڊالر 278 رپيا 60 پئسن بند ٿيو هو.