وفاقي سرڪار پاران پاڪستان ۾ چونڊن بابت آمريڪي پارليامينٽ جي ٺهراءَ تي جوابي ٺهراءُ آڻڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي
پرڏيهي وزير اسحاق ڊار قومي اسيمبلي جي بجيٽ اجلاس ۾ ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان آمريڪي پارليامينٽ جي ٺهراءَ کي رد ڪري چڪو آهي، اسان کي پنهنجي خودمختياري ۽ يڪجهتي جو مظاهرو ڪرڻو آهي
هن چيو ته پرڏيهي وزارت آمريڪي ٺهراءَ تي فوري طور پنهنجو ردعمل ڏنو، آمريڪي ٺهراءَ جي مقابلي ۾ اسان جوابي ٺهراءُ ضرور آڻينداسين، اسان معاملي جو نوٽيس ورتو آهي ۽ جوابي ٺهراءَ جو مسودو تيار آهي
هن چيو ته ٺهراءَ جو مسودو سڀني سان شيئر ڪنداسين، غزه جي معاملي تي اسان اسرائيل جو نالو کڻي مذمت ڪئي آهي