ڪي پي حڪومت بابت شڪايتون، پي ٽي آءِ جي باني 3 رڪني ڪميٽي جوڙي ڇڏي

خيبرپختونخواهه حڪومت جي گورننس بابت شڪايتن تي پي ٽي آءِ جي باني 3 رڪني ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي، جيڪا وزيرن ۽ ايگزيڪٽو سيڪريٽريز خلاف الزامن جي جاچ ڪندي.

خيبرپختونخواهه جي اطلاعات واري صلاحڪار بئريسٽر محمد علي سيف جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ باني جي هدايتن تي بدعنواني ۽ گورننس بابت ڪميٽي جوڙي آهي، جنهن ۾ اڳوڻو گورنر شاهه فرمان، خاص مددگار مصدق عباسي ۽ قاضي انور شامل آهن.

هن چيو ته ڪميٽي جا ميمبر پي ٽي آءِ باني پاڻ نامزد ڪيا آهن، ڪميٽي صوبائي حڪومت جي ڪارڪردگي تي نظر رکندي ۽ سمورن کاتن جي نگراني به ڪندي.

بئريسٽر سيف وڌيڪ چيو ته ڪميٽي وزيرن ۽ انتظامي سيڪريٽرين بابت الزامن جي جاچ ڪندي، جيڪڏهن الزام ثابت ٿيا ته لاڳاپيل وزيرن يا انتظامي آفيسرن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

ياد رهي ته صوبائي وزير شڪيل خان گذريل ڏينهن پي ٽي آءِ باني سان ملاقات ڪري مختلف کاتن ۾ بدعنوانين جي شڪايت ڪئي هئي.

Read Previous

ملڪ جي مختلف شهرن ۾ برسات جو سلسلو جاري، هيٺاهين وارا علائقا پاڻي هيٺ، ڇتون ڪرڻ سبب 12 ڄڻا فوت

Read Next

جسم چيئرمين رياض چانڊيو جي صدارت هيٺ اهم اجلاس، سنڌ جي سياسي، معاشي، برساتي ۽ زمينن تي قبضي واري صورتحال جو جائزو

Most Popular