جسم چيئرمين رياض چانڊيو جي صدارت هيٺ اهم اجلاس، سنڌ جي سياسي، معاشي، برساتي ۽ زمينن تي قبضي واري صورتحال جو جائزو

جيئي سنڌ محاذ جي مرڪزي باڊي جو اجلاس هتي حيدرآباد ۾ سخي ستار ڏنو چولياڻي هائوس تي پارٽي چيئرمين رياض علي چانڊيو جي صدارت ۾ ٿي گذريو جنهن ۾ سنڌ جي سياسي، معاشي برساتي ۽ زمينن تي قبضي  واري صورتحال جو جائزو ورتو ويو..

اجلاس ۾ چيو ويو ته سنڌ جي ماڻھن برسات لاءَ دعائون پئي گهريون ته اها پاڻ ھن جي پاڻي جون ضرورتون پوريون ڪندي ۽ گڏوگڏ گرمي جو زور ٽٽندو پر سنڌ حڪومت جي ناقص ۽ بوگس انتظامن جي ڪري ماڻھو برسات ۾ مئا آھن روهڙي ڪئنال کي هٿرادو طرح گهارو هڻايو ويو آھي ان ڪري ته گذريل 17 سالن جي ايريگشن جي نالي تي درياهه بندن شاخن ڪئنالن جي نالي ۾ کربين روپيا پ پ کاڌا آھن ۽ ڪم نه ٿيو آھي روهڙي ڪئنال درياه جي کاٻي هٿ جي ضلعن ۾ جيئاپي جو زريعو آھي ٽنڊي آدم ڀرسان سوين ڳوٺ ٻُڏي ويا آھن ماڻھن جا گهر انهن جي گذر جو ذريعو ووئڻن جو فصل انبن جا باغ سبزيون تباهه ٿي ويون آھن انهن لاءَ فوري طور تي ڪو به انتظام نه ڪيو ويو تنهنڪري سنڌ سرڪار جي سنڌ جي عوام سان مسلسل  دشمني ۽ لٽ مار واري روش جي مذمت ڪندي مطالبو ڪريون ٿا ته سيشن جج جڊيشن مئجسٽريٽ ۽ ايڊيشنل سيشن جج پنهنجي تعلقن ۽ شھرن ۾ برساتي صورتحالن جو جائزو وٺن ۽ عوام جي تحفظ ڪم ڪن ڇو ته سنڌ حڪومت جا سڀئي ادارا ماڻھن جي ڀلائي ۽ تحفظ بجاءَ تباهي جو سامان گڏ پيا ڪن فوري طور جج صاحبان ان جو جائزو به وٺن ۽ ڳوٺن شھرن جو بيٺل ڪڍائڻ جا حڪم جاري ڪن ميونسپل ادارا تباه ٿي ويا آھن ميونسپل ادارن جي بجيٽ رشوت خور مافيا جي کيسي جي خرچي آھي تنهنڪري جج صاحبان پنهنجي بنگلن ۽ آفيسن نه پر جتي انهن جي ايريا آھي اتي جي ماڻھن جي تحفظ ۽ برساتي پاڻي جي نيڪالي ماڻھن جي زندگين بچائڻ لاءَ ڪردار ادا ڪن جيڪي ماڻھو مري ويا آھن يا جن جي ملڪيتن کي نقصان پهتو آھي حڪومت انهن کي فوري طور امداد ڏي زمينن تي قبضا  ڪيا پيا وڃن جيڪا زمين پنجاه ھزار ايڪڙ کان مٿي زرعي سڌارن لاءَ فوجي ادارن کي ڏني وئي آھي اها سنڌ جي ماڻھن جي زمين آھي انهن کي ملڻ کپي ها اها زمين کسڻ سنڌ جي ماڻھن سان دشمني آھي.

هن چيو ته ڊي ايڇ اي جي نالي تي ڳوٺ ڊاهڻ ۽ مقامي ماڻھن کي لڏائڻ غيرقانوني آھي ڊي ايڇ اي پنهنجو ڪمرشل ڌنڌو هزارن سان کان ويٺل ڌرتي ڌڻين کي بي دخل بي گهر ڪن اهو قابل مذمت آھي جيئي سنڌ محاذ ان مسئلن تي ويچار ڪندي چيو ته ان تي عوامي جدوجهد ۽ سنڌ جي سڀني سياسي ڌرين ۽ ماڻھن کي متحرڪ ڪري ڪنداسين اهو زلت عاميز فيصلا سنڌ جي ماڻھن کي بکيو رکڻ لاءَ آھن گڏوگڏ مردم شماري ۾ ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ سنڌين کي اقليت ۾ ڏيکاري انهن ٿورائي تبديل ڪرڻ واري بدڌيانتي واري رٿا پنجاب جي حڪمرانن ۽ پيپلزپارٽي طرفان تباھ ڪن رزلٽ آھي اها قبول ناهي اها آدم شماري ڌانڌلين جي بنياد تي ڪئي وئي آھي دنيا جي ساک ڀرين ادارن جي ٿرو اسان جي آدم شماري ڪئي وڃي ته حقيقت پڌري ٿي ويندي  هي جادو جي ڇڙھي زريعي افغانين کي ڪڍڻ بجاءَ انهن شناختي ڪارڊ ڏئي سنڌ جو شھري بڻايو ويو آھي ۽ هڪ لک افغانين جو تعداد ظاهر ڪيو ويو آھي اجلاس چيئرمين کي سياسي جدوجهد جي اعلان جو اختيار ڏنو ويو.

Read Previous

ڪي پي حڪومت بابت شڪايتون، پي ٽي آءِ جي باني 3 رڪني ڪميٽي جوڙي ڇڏي

Read Next

بنگلاديش ۾ شاگردن جي سول نافرماني تحريڪ: پهرين ڏينهن مظاهرن ۾ 23 ڄڻا مارجي ويا

Most Popular