اسرائيل جي وزيراعظم نيتن ياهو جي رهائشگاهه تي حزب الله پاران ڊرون حملو ڪيو ويو آهي.
اسرائيلي ميڊيا موجب ڊرون حملي ۾ اسرائيل جي وزيراعظم نيتن ياهو جي قيساريا جي علائقي ۾ واقع ذاتي رهائشگاهه کي نشانو بنايو ويو. حملي وقت اسرائيلي وزيراعظم ۽ ان جي گهر واري گهر ۾ موجود نه هئا، حملو حزب الله طرفان ڪيو ويو آهي.
اختيارين موجب ڊرون حملو لبنان مان اڄ صبح جو ڪيو ويو. اسرائيلي وزيراعظم جي آفيس طرفان جاري ڪيل مختصر بيان ۾ حملي جي تصديق ڪندي چيو ويو آهي ته حملي ۾ ڪوبه زخمي نه ٿيو. حملي وقت اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو ۽ ان جي گهر واري ساره گهر ۾ موجود نه هئا. اسرائيلي اختيارين دعويٰ ڪئي آهي ته تل ابيب جي طرف لبنان مان فائر ڪيل 2 ڊرونز کي ڪيرايو ويو آهي.